ڌرم ڪمار تولاڻي

ڌرم ڪمار تولاڻي

ڌرم ڪمار تولاڻي

ڌرم ڪمار تولاڻي: مشهور اداڪار، هدايتڪار، گائڪ ۽ شاعر ڌرم ڪمار تولاڻي 26 نومبر 1919ع تي ٽنڊي آدم، سنڌ ۾ جنم ورتو. ستن سنڌي فلمن: ’اباڻا‘، ’انصاف ڪٿي آ‘، ’جھولي لعل‘، ’لاڏلي‘ ۽ ’اڃا ته مان ننڍڙي آهيان‘ ۽ ٻين ۾ اداڪاري ۽ هدايتڪاري ڪيائين. ’انصاف ڪٿي آ‘ فلم جو ليکڪ ۽ هدايتڪار آهي. ’روڊ نمبر 303‘، ’چلي هين سُسرال‘، ’قانون اور مجرم‘ جو ليکڪ ۽ هدايتڪار به رهيو آهي، جڏهن ته ’مين اور ميرا ڀائي‘ ۽ ’سن آف حاطم طائي‘ وغيره ۾ هدايتڪار طور ڪم ڪيو اٿس. سندس بيتن ۽ گيتن تي مشتمل ڪتاب 1956ع ۾ شايع ٿي چڪو آهي. ورهاڱي بعد 1948ع ۾ مڪتي ماهوار مئگزين ۽ پوءِ هفتيوار ’سنڌي سنسار‘ شايع ڪيائين، ديپڪ آشا، ميوزيڪل پارتي نالي ادارو قائم ڪرڻ سان گڏ ڪيترين ئي ڪئمپن ۾ وڃي سنگيت پروگرامن معرفت ايڪتا جو آواز بلند ڪيائين.


لفظ ڌرم ڪمار تولاڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1919.11.26  عيسوي

مشهور اداڪار، هدايتڪار، گائڪ ۽ شاعر ڌرم ڪمار تولاڻي 26 نومبر 1919ع تي ٽنڊي آدم، سنڌ ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

صديق علي خان نواب
ڀريو ويرداس
شمس عباسي آپا
حڪيم يعقوب ڪوريجو
سيد ميران محمد شاهه
ڀائي ڪنيا
ڪامريڊ الهه وڌايو انڍڙ
ڏَيو ڏنارام
ڄام بابينو
رامسي تلسي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون